#شيخ_اياز آئي سانوڻ_ ٽِيج ڙي. گج سوين تارڙا، واجھ وجهي وڄُ ڙي! ڇوريءَ نہ ڇِڄَ ڙي! آئي سانوڻ_ ٽِيج ڙي. هيکلڙو هينئڙو، اڀ ڪري گاج ڙي! راڻو نہ راجِ ڙي! آئي سانوڻ_ ٽِيج ڙي. ڍٽ مٿي مِينهڙا، ڇٽ ڪئي ڇاٽ ڙي! تو ريءَ اُساٽ ڙي. آئي سانوڻ_ ٽِيج ڙي. ڍول بنا ڍوڍڙو، ڪيئن لڳي بُک ڙي! تو ريءَ نہ سک ڙي! آئي سانوڻ_ ٽِيج ڙي. ناٽ ڪري ننڊڙي، رت ڪري رات ڙي! تو ريءَ نہ تات ڙي! آئي سانوڻ ٽِيج_ ڙي. ڀُڄ مٿان بادلو، ڀيڄ ڀنيءَ وسجو! پائر بہ پسجو! آئي سانوڻ ٽِيج_ ڙي.