ايڏا پراڻا آھيون جيڏي ھوا پراڻي آ
ايڏا پراڻا آهيون ،
جيڏي هوا پراڻي ،
نئين سر وري ڄمياسون ،
ڪنهن ساڻ پيار خاطر
هر ڪنهن جي گهر ۾ آهي،
قسمت سندو ستارو،
دنيا رُليا ڀلياسين،
دلدار يار خاطر
اکروٽ جي وڻن مان،
کارڪ پٽي نه سگهبي،
پٽ تي ڪريل بازي ،
اُڀ مان جهٽي نه سگهبي،
پر عشق آهي اُلٽو، اُبتا ٿو وڻ لڳائي،
وڻ ٽڻ لڳي ٽڙي پيا،
ڪنهن ڪوهسار خاطر
زلفن زنجيرون ٺاهي ،
سوگهو ڪيو صدين کي ،
تنهنجا پئي ڏس پڇياسين،
نالن ڍنڍن ندين کان،
هي وهڪرن وڏن کان،
ڇولين کان ڪيئن ڇڏايون،
مسحور ماٺ ٿياسين،
هر وار وار خاطر
دُنيا ته حسن آهي سج چنڊ جي نقالي
دُنيا ته ڌوڙ آهي پر پيار آهي پالي
هن عشق جي عجائب گهر ۾،
وڃي رکياسون
هن نينهن نيٺ نانگو ڪيو نروار نار خاطر
حسن درس
Comments
Post a Comment