آئي سانوڻ ٽيج ڙي

 #شيخ_اياز


آئي سانوڻ_ ٽِيج ڙي.

گج سوين تارڙا، واجھ وجهي وڄُ ڙي!

ڇوريءَ نہ ڇِڄَ ڙي!

آئي سانوڻ_ ٽِيج ڙي.


هيکلڙو هينئڙو، اڀ ڪري گاج ڙي!

راڻو نہ راجِ ڙي!

آئي سانوڻ_ ٽِيج ڙي.


ڍٽ مٿي مِينهڙا، ڇٽ ڪئي ڇاٽ ڙي!

تو ريءَ اُساٽ ڙي.

آئي سانوڻ_ ٽِيج ڙي.


ڍول بنا ڍوڍڙو، ڪيئن لڳي بُک ڙي!

تو ريءَ نہ سک ڙي!

آئي سانوڻ_ ٽِيج ڙي.


ناٽ ڪري ننڊڙي، رت ڪري رات ڙي!

تو ريءَ نہ تات ڙي!

آئي سانوڻ ٽِيج_ ڙي.


ڀُڄ مٿان بادلو، ڀيڄ ڀنيءَ وسجو!

پائر بہ پسجو!

آئي سانوڻ ٽِيج_ ڙي.

Comments

Popular posts from this blog

صنم تون اجنبي ناهين..! ايوب کوسو