اڃان تنهنجي ساهن جي گرمي جي خوشبوءُ

 نظم 

              اياز امر شيخ


اڃان تنهنجي ساهن جي گرمي جي خوشبوءُ

اسان ڀاڪرن ۾ سميٽي رکي آ

تنهنجي شفق جهڙن چپن جي چمي جا

اسان جي چپن تي چٽيل عڪس آهن

۽ زلفن جي ڪارين گهٽائن سان تنهنجي

تصور ۾ رانديون پيو آنڱريون ڪن……!!


اسان تنهنجي نيڻن جون دلڪش نهارون

ايئن ٿو لڳي ڄڻ پڪارون پيون ٿيون

اسان جي ذهن جي مندر ۾ هميشه

تنهنجي سار جو ئي وڳو گهنڊ آهي

اسان يادگيرين جي البم کي کولي

جڏهن ڀي ڏسون تنهنجي تصوير کي ٿا……!


ته نيڻن ندي مان هي پاڻي جا قطرا

ٿا پلڪن جي سيني تان اورانگهون پائين

۽ جيون جي منهن تان خوشي جا سمورا

رنگيل رنگ سارا ڦڪا ٿي وڃن ٿا

اچي ڏس ٽٽل پنهنجي چوڙين جا ٽڪرا

سنڀالي رکيا ڪيئن ته ڪوتا سان آهن....!


اچي ڏس اسان جي اکين جا به سپنا 

جيڪي تنهنجي پويان ڊڪي ڪالهه نڪتا آهن

انهن جا ٿي زخمي پيا پير آهن

ٿڪل ڪنهن مسافر جيان ٿڪجي پيا هن

اچي ڏس اسان جي به چهري جي رنگت

تنهن کان پيار جي تو کسي تازگي آ

گلابن جهڙي تو کسي  زندگي آ

ڏني جنهن کي تو بس غمي ئي غمي آ

وري پوءِ به تنهنجي ڪمي ئي ڪمي آ.

Comments

Popular posts from this blog

صنم تون اجنبي ناهين..! ايوب کوسو