صنم تون اجنبي ناهين..! هوا توکي سُڃاڻي ٿي، پٿر جي ديس ۾ ھوندي، وفا توکي سڃاڻي ٿي، اهيو جوڀن غضب جهڙو، اوجاڳن جو ڌرم آھي، اُڃايل عشق ڪافر جي پُڇائن جو ڀرم آھي، رڻن ۾ روشني آھين، صنم تون اجنبي ناهين، صنم تون اجنبي ناهين،؟ اڃان تنهنجي ادائن ۾ قهر جو شھر جاڳي ٿو، اڃان دل جي ڪنارن تي، عجب جو سحر جاڳي ٿو، زماني کي خبر ڪهڙي، اهي مُرڪون فجر آھن، ٿين توتان فده تاره، تنهنجون ڳالهيون ڇمر آھن، صبح جي دلبري آھين۔ صنم تون اجنبي ناهين، صنم تون اجنبي ناهين،! Ayoob Khoso
Comments
Post a Comment