#تون_الائي_ڪٿي؟

 #آزاد_نظم


     #تون_الائي_ڪٿي؟


ڇانوَ تنهنجي هنج ۾

اس اگهاڙو اڌ بدن تنهنجو

ننڊ تو لاءِ ندامت ۽

جاڳ تو کي جھاڳيندي وتي،

تون الائي ڪٿي

 تون الائي ڪٿي؟


وڻن کان به وئين وڇڙي

نه پرندن کي تنھنجو پتو

ڌرتتيءَ ۾ سج سوڌو،

ٿو رهي اڀ آسائتو

۽ بارش پئي تنهنجو پڇي 

تون الائي ڪٿي

 تون الائي ڪٿي ؟


تو سواءِ چنڊ کي

ڪون آهي ڪو آرام

تارو تارو تنهنجي لاءِ 

رات ساري پيو لڇي 

تون الائي ڪٿي

 تون الائي ڪٿي؟


منهنجي اکڙين کان ائين

تون پري ٿي آهين وئين

جيئن ضدي ٻار کان

ڪير ڪائي  شئي کسي

تون الائي ڪٿي؟ 

 تون الائي ڪٿي ؟

Comments

Popular posts from this blog

صنم تون اجنبي ناهين..! ايوب کوسو