هيل وري تون ٿر ڏي اچجانءِ ڀوڏيسر جي ڀر ڏي اچجانءِ
غزل
امر رائيسنگھ راجپوت
هيل وري تون ٿر ڏي اچجانءِ
ڀوڏيسر جي ڀر ڏي اچجانءِ
نڙياسر تي نيرڳ هوندا
ڪارونجهر جي ڪر ڏي اچجانءِ
رين انڌاري رم جهم بارش
گُجر پُڪاري،گهر ڏي اچجانءِ
ٽيج سرامڻ نرت ننگر ۾
جهِڻڪي ٿي جانجهر،ڏي اچجانءِ
سانگا تارون تار بڻي آ
ڇوليون هڻندڙ ڇر ڏي اچجانءَ
ڪانهوڙي جا ڪوڏ چون ٿا
راڻل راڻاسر ڏي اچجانءَ
اکيون تولئه اوسيئڙي ۾
داسيءَ جي تون در ڏي اچجانءِ
ويرا واھ ۾ واٽ ڏسان پئي
ڪارا ڪجلاسر ڏي اچجانءِ

Comments
Post a Comment